واشنگٽن – 23 اپريل (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 13 کان 16 مئي تائين عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارات جو دورو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري صدر ٽرمپ جي وچ اوڀر جي دوري بابت آگاهي ڏني آهي . ان کان اڳ ميڊيا ۾ گذريل مهيني خبر شايع ٿي هئي ته صدر ٽرمپ پنهنجي ٻي مدي جي پهرين پرڏيهي دوري تي هلندڙ سال مئي جي وچ ۾ سعودي عرب جو دورو ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيو آهي . واضع رهي ته آمريڪي صدر چيو هو ته هو امڪاني طورتي پنهنجو پهريون پرڏيهي دورو سعودي عرب جو ڪندو . ڊونلڊ ٽرمپ ٻڌايو هو ته مان پنهنجي پهرين صدارت جي دوري دوران 2017ع ۾ پنهنجو پهريون پرڏيهي دورو به رياض جو ئي ڪيو هو . ٻئي پاسي سعودي عرب طرفان به تازوئي صدر ٽرمپ جي دوري جي امڪاني تاريخن جي حوالي سان سرڪاري سطح تي ڪو اعلان يا تصديق ناهي ڪئي وئي .