رياض-23 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزارت هلندڙ سال حج 2025ع جي سيزن جون تياريون مڪمل ڪيو ويون آهن .حج پانڌيئڙن کي نسڪ سمارٽ ڪارڊن جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب حج ۽ عمره واري وزارت پاران جاري ٿيندڙ نسڪ سمارٽ ڪارڊن کي جديد ترين انداز ۾ ڊيزائن ڪيو ويو آهي جنهن ۾ حج پانڌيئڙن جي باري ۾ سمورا تفصيل فراهم ٿيل آهن. ڊجيٽل نسڪ ڪارڊن ۾ پانڌيئڙن جي مملڪت ۾ آمد جي شيڊول کان وٺي مڪي شريف ۾ رهائش ۽ حج وارن ڏينهن ۾ مشاعر مقدسه جي قيام وغيره جا سمورا تفصيل فراهم ڪيا ويا آهن . الماسيه ڪمپني جي چيئر مين بورڊ آف ڊائريڪٽر ٻڌايو ته ڪمپني حج ۽ عمره واري وزارت جي هدايت تي عمل ڪندي حج پانڌيئڙن بابت سمورا مسئلا وقت کان اڳ مڪمل ڪري ورتا هيا ان ڪري سڀ کان پهريان نسڪ ڪارڊ فراهم ڪيا پيا وڃن.