نئين دهلي -23 اپريل (اي پي پي)ڀارتي رياست گجرات ۾ هڪ تربيتي جهاز رهائشي علائقي ۾ ڪرڻ سبب جهاز ۾ سوار پائليٽ فوت ٿي ويو . پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب گجرات جي ضلعي امريلي ۾ گذريل ڏينهن حادثي سبب ڪري تباهه ٿيل اهو جهاز هڪ پرائيوٽ ايوي ايشن اڪيڊمي جو هيو. ميڊيا موجب اهو جهاز پهريان هڪ وڻ سان ٽڪرائجي ويو ۽ پوءِ خالي پلاٽ ۾ ڪري پيو. پوليس ٻڌايو ته جهاز امريلي ٽائون جي گريا روڊ جي علائقي ۾ ڪريش لينڊنگ ڪئي. هن ٻڌايو ته جهاز آمريڪي ايئر پورٽ تان اڏام ڀري ۽ ان کي تربيتي پائلٽ اڪيلو ئي اڏائي رهيو هو، شاستري نگر ويجهو جڏهن جهاز ڪري پيو ته ان کي باهه وڪوڙي ورتو . هادثي بعد واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.