واشنگٽن-22 اپريل (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پوپ فرانسس جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ اٽلي جي گادي واري شهر روم وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق هن پنهنجي سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ تي چيو آهي ته هو پنهنجي گهرواري ميلانيا ٽرمپ سان گڏجي روم ۾ پوپ فرانسس جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندا ۽ هو اوڏانهن وڃڻ جا متظر آهن. واضح رهي ته پوپ فرانسس 21 اپريل 2025ع تي 88 ورهين جي غمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. پوپ فرانسس کي جمعي ۽ آچر جي وچ وارن ڏينهن دوران ڪنهن وقت به دفن ڪيو ويندو.