تل ابيب-22 اپريل (اي پي پي)اسرائيل غزه پٽي جي مختلف علائقن تي فضائي حملا ڪيا جن ۾ 7 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق غزه پٽي ۾ شهري دفاع واري اداري جي ترجمان ٻڌايو آهي ته اسرائيل جي فوج اڱاري ڏينهن صبح جو غزه پٽي جي مختلف علائقن ۾ َضائي ح۾لا ڪيا جنهن ۾ ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا آهن. جاري ڪيل صحت کاتي جي انگن اکرن مطابق اسرائيل جي حملن جو سلسلو ٻيهر شروع ٿيڻ بعد کان هاڻي تائين غزه پٽي ۾ 1827 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهناهڙيءَ ريت آڪٽوبر 2023ع ۾ جنگ شروع ٿيڻ بعد کان غزه پٽي ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 51 هزار 201 تائين پهچي چڪو آهي.