والاريل بيت المقدس-22 اپريل (اي پي پي)فلسطين جي حڪومت چيو آهي ته اسرائيل جي ڪاررواين سبب غزه ۽ اولهندي ڪناري جي صورتحال انتهائي خراب ٿي رهي آهي ۽ اٽڪل 20 لک فلسطينين کي انساني همدردي جي بنيادن تي امداد جي سخت ضرورت آهي جيڪا اسرائيل طرفان غزه پٽي تائين امداد پهچڻ نٿي ڏني وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فلسطين جي حڪومت چيو آهي ته غزه پٽي ۽ اولهندي ڪناري ۾ فلسطيني عوام خلاف اسرائيل جي نسل ڪشي جي جنگ وڌي رهي آهي. اها جنگ هڪ نئين خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي. حڪومت چيو آهي ته هلندڙ سال 18 مارچ تي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي بعد غزه ۾ اسرائيل جي حملن ۾ هاڻي تائين 1827 فلسطيني شهيد ۽ 4828 زخمي ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه 4 لک 20 هزار کان وڌيڪ فلسطينين کي جبري طور بي گهر ڪيو ويو آهي. حڪومت چيو آهي ته صحت جو نظام تباهه ٿي چڪو آهي. اٽڪل هڪ اندازي موجب 20 لک فلسطينين کي انساني همدردي جي بنيادن تي امداد جي سخت ضرورت آهي. جنهن لاءِ اسرائيل رڪاوٽ بڻيل آهي.