اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي)پاڪستان سپرليگ جي ڏهين ايڊيشن ۾ اڄ (اربع ڏينھن) واحد ميچ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي انتظام ھيٺ پي ايس ايل جي ڏھين ايڊيشن جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آھي، جنھن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتھائي دلچسپ ۽ ڪانٽيدار مقابلا ڏسڻ وٽان ملي رھيا آھن.ليگ جي ميچ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ملتان سلطانز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. ميچ رات جو 8 وڳي شروع ٿيندي ۽ فلڊ لائيٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي. اسلام آباد يونائيٽڊ جي قيادت آل رائونڊر شاداب خان ڪري رھيو آھي ۽ ٻين نمايا رانديگرن ۾ ميٿيو شارٽ، ڪولن منرو، راسي وين ڊير ڊوسن، جيسن ھولڊر، حيدر علي، سلمان آغا، عماد وسيم، حنين شاھه ۽ اعظم خان شامل آھن. اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم ليگ ۾ ھيستائين ناقابل شڪست آھي ۽ 4 ميچون کيڏي سمورين ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي چڪي آھي ۽ 8 پوائنٽس سان پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ پوزيشن تي برقرار آھي. ملتان سلطانز جي ٽيم جي قيادت وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ڪري رهيو آهي، ٻين نمايا رانديگرن ۾ مائيڪل بريسويل، ڊيوڊ ويلي، شائي ھوپ، ڪرس جارڊن، محمد حسنين، اوسامه مير، عثمان خان، افتخار احمد ۽ ڪامران غلام شامل آھن. ملتان سلطانز جي ٽيم ٽي ميچون کيڏي چڪي آھي پر ھيستائين ڪنھن به ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ناھي ڪري سگھي ۽ پوائنٽس ٽيبل تي سڀ کان ھيٺ ڇھين نمبر تي آھي. ٽورنامينٽ جو فائنل 18 مئي تي قذافي اسٽيڊيم، لاھور ۾ کيڏيو ويندو.