دمشق _21 اپريل (اي پي پي ) شام جي فضائي ڪمپني شام ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ سڌيءَ ريت اڏامون بحال ڪرڻ جو باضابط اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شام جي ايئر لائين فيس بڪ پيج تي بيان ۾ چيو آهي ته شروعاتي مرحلي ۾ دبئي ۽ شارجه لاءِ غير معمولي اڏامون شامل آهن. ڪمپني چيو آهي ته دمشق ۽ دبئي وچ ۾ ڇنڇر، سومر، اربع ۽ خميس تي 4 اڏامون هلايون وينديون ۽ جلد ئي اڏامن ۾ روزانو جي بنياد تي تواڌ جو منصوبو به شامل آهي . شارجه لاءِ اڏامون آچر ، اڱارو ۽ جمعي ڏينهن تي هلايون وينديون ۽ انهن کي به وڌائي روزانو ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي . دمشق – ابوظهبي روٽس لاءِ اڱاري ۽ جمعي ڏينهن تي اڏامون هلايون وينديون . سيريئن ايئر لائينز چيو آهي ته جلد پنهنجي نيٽ ورڪ ۾ واڌ لاءِ ڪم جاري آهي جنهن لاءِ لاڳاپيل اختيارين جي منظوري جو انتظار آهي . ڪمپني مسافرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو وڌيڪ معلومات لاءِ شام جي اندر يا ٻاهر آفيس سان رابطو ڪن.