اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ۽
وقتي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاه مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ
پارليامينٽ ميمبرن ۽ مسيحي برادري کي ايسٽر جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي
ته ايسٽر خوشي، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام آڻي ٿو، حضرت عيسيٰ امن، ۽
رواداري جو درس ڏنو آهي، حضرت عيسيٰ عليه السلام جو امن، محبت ۽
رواداري جو پيغام سمورن قوميتن لاءِ مشعل راهه آهي. گذريل ڏينهن هتي جاري
بيان مطابق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو
ته اقليتن کي آئيني حقن جو مڪمل تحفظ حاصل آهي، اقليتن کي پاڪستان جي
آئين تحت مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي آزادي حاصل آهي. مسيحي برادري
پاڪستان جي ترقي ۾ فخر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وقتي اسپيڪر به
مسيحي برادري ۽ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن کي ايسٽر
جون واڌايون ڏيندي چيو ته اقليتن کي مذهبي آزادي ڏيڻ آئيني ۽ قومي ذميداري
آهي. سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو آهي ته حضرت عيسيٰ عه جو پيغام سڀني لاءِ
مشعل راهه آهي، مذهبي برادري جون خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن. پيپلز
پارٽي هميشه اقليتن جي حقن جي حمايت ڪئي آهي.