اسلام آباد-19 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان گڏيل فائديمند لاڳاپن کي
هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اعليٰ سطح جي رابطن کي برقرار رکڻ تي
اتفاق ڪيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو
آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪابل جي
سرڪاري دوري جي موقعي تي افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي سان تفصيلي
ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾
گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن سميت سيڪيورٽي، واپار، ٽرانزٽ، ڪنيڪٽوٽي
۽ عوامي سطح تي رابطن سميت تعاون وڌائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي
ضرورت تي زور ڀريو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار
علائقائي واپار ۽ رابطن جي امڪانن مان مڪمل فائدو کڻڻ سميت لاڳاپيل مسئلن
خاص طور تي سيڪيورٽي ۽ بارڊر مينيجمينٽ بابت مسئلن کي حل ڪرڻ جي
بنيادي اهميت تي زور ڀريو.