اسلام آباد-19 اپريل(اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سينيئر
صحافي ريذيڊنٽ ايڊيٽر ڊان نيوز عامر وسيم جي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت
ڪندي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪرٽريٽ ميڊيا
ڊائريڪٽوريٽ پاران ڇنڇر تي جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين سيد
يوسف رضا گيلاني مرحومه جي بلند درجن ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر لاءِ ڌڻي
در دعا گهري. هن وڌيڪ چيو ته عامر وسيم سينيئر ۽ باوقار صحافي آهي اسان
سندس ڪٽنب سان ڏک جي هن گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون.