اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خرم شهزاد جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، ماءُ جهڙي عظيم هستيءَ جو دنيا ۾ ڪو نعم البدل نه آهي، اهو مقدس ۽ بي لوث رشتو آهي. هن چيو ته مرحومه جو لاڏاڻو سوڳوار خاندان جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان سان گڏ بيٺل آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.