اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ اسان جو جهاد جاري رهندو، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ وفاقي حڪومت سمورن صوبن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪندي، ملڪ جي اهم شهرن ۾ سيف سٽي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ امن امان جي صورتحال تي اهم جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ مان دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ اسان جو جهاد جاري رهندو، دهشتگردن کي اهڙي عبرتناڪ شڪست ڏينداسين جو اهي پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ڪري سگهندا، پاڪستان جا دشمن اسان جي معاشي ڪاميابين کان ڊنل آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف ڀرپور قدمن ۽ ڪاررواين جي حوالي سان سمورن ادارن ۽ صوبن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ وفاقي حڪومت سمورن صوبن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪندي. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجا سمورا اختلاف وساري دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، اسان جي سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان ۽ آفيسر ڏينهن رات دهشتگردن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسمگلنگ جي خلاف سمورا ادارا پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪن، انساني اسمگلنگ جي نيٽ ورڪ جي خلاف گهيراءُ وڌيڪ تنگ ڪيو وڃي ۽ اسمگلرن کي قانون جي شڪنجي ۾ آندو وڃي، ملڪ جي اهم شهرن ۾ سيف سٽي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، دهشتگردي جي خلاف بيانيي جي حوالي سان وفاق ۽ صوبا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي. اجلاس کي ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي حوالي سان قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته نيڪٽا ۾ نيشنل اينڊ پراونشل انٽيليجنس فيوزن اينڊ ٿريٽ اسيسمنٽ مرڪز قائم ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پنجاب جي 10 شهرن ۾ سيف سٽي منصوبو ڪم ڪري رهيو آهي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه ۾ سيف سٽي منصوبو هنيو پيو وڃي، پشاور ۾ سيف سٽي منصوبو منظور ٿي چڪو آهي، ايندڙ مرحلي ۾ ڊيره اسماعيل خان، بنون، لڪي مروت ۾ سيف سٽي منصوبو هنيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گوادر سيف سٽي منصوبو جلد مڪمل ڪيو ويندو جڏهن ته قومي شاهراهه اين 25 ۽ قومي شاهراهه اين 40 تي موجود سمورن اهم شهرن ۾ سيف سٽي منصوبو هنيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان مختلف رستن ۽ پلين تي ڊيجيٽل انفورسمنٽ اسٽيشنز قائم ڪيون پيون وڃن، ملڪ جي اهم شهرن جي ڀرپاسي موجود سمورن غيرقانوني اڏاوتن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪارروايون ڪري رهيون آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ پينو فقيرن جي خلاف به ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي ۽ اهڙن عنصرن کي ٻاهرئين ملڪ سفر کان روڪڻ جي حوالي سان به قدم کنيا پيا وڃن، اسلام آباد ۾ فارنزڪ سائنس ايجنسي قائم ڪئي وئي آهي جڏهن ته پنجاب ۾ فارنزڪ سائنس ايجنسي کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي گهرو وزير محسن رضا نقوي، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، گهرو معاملن جي مملڪتي وزير طلال چوڌري، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف، گلگت بلتستان جي گهرو وزير شمس الحق لون، آزاد ڪشمير جي گهرو وزير ڪرنل رٽائرڊ وقار نون، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز ۽ انسپيڪٽرز جنرل پوليس، چيف ڪمشنر اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.