اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي ڪڻڪ جي آبادگارن جي لاءِ خصوصي پئڪيج کي ساراهيندي چيو آهي ته ساڍا 5 لک آبادگارن جي لاءِ سڌوسنئون ڪڻڪ سپورٽ فنڊ تحت 15 ارب رپين جي فنڊز جي منظوري انتهائي خوش آئنده قدم آهي. وزيراعطم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جي آبادگارن جي لاءِ فڪس ٽيڪس ۾ پڻ ڇوٽ آبادگارن جي لاءِ ريليف آهي. آبادگارن کي چار مهينا مفت اسٽوريج جي سهولت مهيا ڪرڻ جي قدم سان ڪڻڪ کي موسمي اثرن ۽ آبادگارن کي مارڪيٽ جي دٻاءُ کان محفوظ رکڻ ۾ آساني ٿيندي. ڪڻڪ ۽ ڪڻڪ سان تيار ٿيندڙ شين جي برآمد ۾ وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت کي ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. وزيراعطم چيو ته پاڪستان جي خوشحالي آبادگار جي خوشحالي سان واڳيل آهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو منشور آهي ته آبادگار کي ان جي محنت جو پورو معاوضو ملي. وزيراعطم چيو ته آبادگارن جي ڀلائي جي لاءِ پنجاب جي وزيراعليٰ جا وقت سر قدم نه رڳو آبادگارن پر پوري پاڪستاني معيشت جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ڪڻڪ جي آبادگارن جي لاءِ هن پئڪيج جي اعلان تي پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ مبارڪباد ڏيان ٿو.