اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ 15 سالن جي وقفي کانپوءِ ڍاڪا ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سطح جي ٻطرفي مشاورت جو ڇهون دور منعقد ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ (پاڪستان) ۽ پرڏيهي سيڪريٽري محمد جشم الدين (بنگلاديشن) جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه خوشگوار ماحول ۾ ٿي ۽ ٻطرفي لاڳاپن ڱي بحال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪئي. بيان موجب ڌرين گڏيل تاريخ، ثقافتي وابستگين ۽ پنهنجي ماڻهن جي گڏيل امنگن تي ٻڌل سياسي، اقتصادي، ثقافتي، تعليمي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي هڪ جامع ڏي وٺ ڪئي. نيويارڪ، قاهره، ساموا ۽ جده ۾ تازي اعليٰ سطحي رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو جن ٻطرفي لاڳاپن کي نئين سر مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڌرين باقاعده اداراجاتي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي رفتار کي برقرار رکڻ، التوا هيٺ معاهدن کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ واپار، زراعت، تعليم ۽ رابطن ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان پنهنجي زرعي يونيورسٽين ۾ تعليمي موقعن جي آڇ ڪئي جڏهن ته بنگلاديش ماهيگيري ۽ سامونڊي علم ۾ فني تربيت جي آڇ ڪئي. بنگلاديش پاڪستان جي نجي يونيورسٽين پاران اسڪالرشپ جي آڇ کي پڻ تسليم ڪيو ۽ تعليم جي شعبي ۾ گهري تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين رابطي کي ترجيح جي طور تي تسليم ڪندي ڪراچي ۽ چٽاگانگ جي وچ ۾ سڌوسنئون جهاز راني جي شروعات جي آجيان ڪئي ۽ سڌوسنئون فضائي رابطا ٻيهر شروع ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هنن سفري ۽ ويزا جي سهولت ۾ نرمي جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. بنگلاديش ڍاڪا ۾ ناليواري پاڪستاني فنڪارن جي تازي پرفارمنس کي ساراهيو جڏهن ته پاڪستان گڏيل ثقافتي مٽاسٽا جي حوصلا افزائي ڪئي. انهن شعبن ۾ مختلف مفاهمتي يادداشتن کي حتمي شڪل ڏيڻ سميت راندين، ميڊيا ۽ ثقافتي ادارن ۾ وسيع تر تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب ٻنهي ڌرين گهڻ رخي معاملن تي سارڪ کي ان جي باني اصولن موجب بحال ڪرڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري بنگلاديشي قيادت جي ويزن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سارڪ عمل ٻطرفي سياسي خدشن کان جدا رهندو. پرڏيهي سيڪريٽري بنگلاديش کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان به آگاهه ڪيو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب تڪرار جي جلد حل جي ضرورت تي زور ڏنو. وچ اوڀر جي صورتحال جو جائزو وٺندي ڌرين والاريل فلسطيني علائقن خاص طور تي غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس ۽ اعزازي پرڏيهي صلاحڪار محمد توحيد حسين سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ڳالهه ٻولهه علائقائي انضمام، اقتصادي رابطن ۽ ٻاهرئين دٻاءُ کان ٻطرفي لاڳاپن کي محفوظ رکڻ جي اهميت تي مرڪوز هئي جڏهن ته مستقبل جي حوالي سان حصيداري جو گڏيل عزم سامهون آيو. پرڏيهي صلاحڪار چيو ته هو پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بنگلاديش جي ايندڙ دوري جو منتظر آهي. شاندار مهمان نوازي تي اعزازي چيف ايڊوائيزر جا ٿورا مڃيندي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پاڪستان جي قيادت پاران ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بيان موجب پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ مشاورت جو اڳيون دور 2026ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو.