اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) ايران جي شهر مهرستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ مارجي ويل 8 پاڪستاني شهرين جا لاش پاڪ فضائيه جي سي ون ٿرٽي جهاز ۾ اربع جي رات بهاولپور پهچايا ويا. زاهدان ۾ پاڪستان جو قونصل به اڏام ۾ سوار هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب بعد ۾ اهي لاش بهاولپور انتظاميا جي حوالي ڪيا ويا هئا جنهن انهن کي سوڳوار خاندانن تائين فوري طور پهچائڻ کي يقيني بڻايو. بيان موجب لاشن جي فوري وطن واپسي جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ سموري ضروري قانوني ۽ طبي عمل کي موثر طريقي سان مڪمل ڪيو ويو جنهن ۾ لاشن کي مهرستان کان زاهدان ۽ ان کانپوءِ بهاولپور پهچائڻ شامل هو. ايران ۾ پاڪستان جي سفير ۽ سندس ٽيم وطن واپسي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ايراني عملدارن ۽ لاڳاپيل پاڪستاني ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو. هن چيو ته اسان ان سلسلي ۾ ايران جي حڪومت جي تعاون ۽ مدد کي ساراهيون ٿا. ترجمان مرحومين جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندانن جي هن مشڪل وقت ۾ حوصلي جي دعا ڪئي.