اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي مستقل نمائندي منير اڪرم ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هنن عالمي سياسي منظرنامي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پاڪستان جي ايندڙ صدارت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سفير منير اڪرم جي مثالي سفارتي خدمتن ۽ پاڪستان جي گهڻ رخي سفارتڪاري ۾ حصيداري کي ساراهيو.