اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عبوري افغان پرڏيهي وزير جي دعوت تي ڇنڇر ڏينهن هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندي ڪابل جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم هڪ ڏينهن جي دوري دوران افغان وقتي وزيراعظم ملا محمد حسن اخوند، افغانستان جي وقتي اقتصادي معاملن بابت ۽ نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر سان ملاقات ۽ وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪ افغان لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو جنهن ۾ گڏيل مفادن جي سمورن شعبن بشمول سيڪيورٽي، واپار، رابطي ۽ عوام سان عوام جي لاڳاپن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي ڌيان ڏنو ويندو. نائب وزيراعظم جو دورو ڀائر ملڪ افغانستان سان پائيدار رابطا وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو عڪاس آهي.