اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سينيٽر پلوشه خان جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون سينيٽر پلوشه خان ۽ سندس خاندان سان گڏ آهن. هن مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.