ڪراچي – 16 اپريل(اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٽريفڪ جي قانون جي ڀڃڪڙي خلاف سنڌ سرڪار جي جاري ڪريڪ ڊائون ۾ ھڪ ھفتي اندر 11 ھزار 276 موٽر سائيڪلون ضبط ڪيون ويون آھن جڏهن تھ فينسي نمبر پليٽن، ڪاري رنگ جي شيشن وارين گاڏين ۾ ٻين ضابطن خلاف 831 ڪارروايون ڪيون ويون آهن ۽ ھيوي ٽرانسپورٽ وھيڪلز ۽ لائين ٽرانسپورٽ وھيڪلز جون 223 گاڏيون قبضي ۾ ورتيون ويون آھن.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته 25 گاڏين جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آھي، 174 گاڏين جي رجسٽريشن کي عارضي طور تي معطل ڪري مخصوص شرطن تي ڇڏيو ويو آهي. ھن چيو تھ ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙين خلاف ڪريڪ ڊائون بنا ڪنھن فرق جي جاري رھندو ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا ان عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رھيا آھن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام جي حفاظت، قانون جي بالادستي ۽ نظم و ضبط يقيني بڻائڻ لاءِ ڪارروايون جاري رھنديون، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن سان ڪنھن بھ قسم جي رعايت نھ ڪئي ويندي. ھن چيو تھ ٽريفڪ جي نظام کي بھتر بڻائڻ ۽ شھرين کي محفوظ ماحول فراھم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، روڊ تي بنا فٽنيس سرٽيفڪيٽ جي ھلڻ واريون گاڏيون شھرين جي زندگين جي لاءِ خطرو بڻجي سگھن ٿيون ان ڪري سمورا شھري قانون جو احترام ڪن ۽ پنھنجن گاڏين جي مڪمل ڪاغذن، فٽنيس ۽ رجسٽريشن سان روڊن تي اچن.