بيونس آئرس – 15 اپريل (اي پي پي) ارجنٽينا جي صدر چيو آھي ته يورپ ھن وقت عالمي قيادت جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته روس، آمريڪا ۽ چين اسرندڙ نئين عالمي نظام تحت پنھنجي اثر رسوخ جا ڌار ڌار زون قائم ڪندا. پرڏيھي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ ھن چيو ته عالمي نظام جي نئين تعريف ڪئي پئي وڃي جنھن مطابق ھاڻي آمريڪا ۽ روس يوريشيا ۽ چين ايشيا جي حصي جي قيادت ڪندا جيڪي روس جي اثر ھيٺ نه ھوندو. هن چيو ته يورپ ھن وقت عالمي قيادت جي دعويٰ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناھي، ھن چيو ته لاطيني آمريڪي ملڪن کي ھاڻي بنيادي طور آمريڪا سان اتحادي طور لاڳاپا رکڻ گھرجن، اسان جو ملڪ اڳ ئي آمريڪا جو اھم شراڪتدار بڻجي چڪو آهي اسان صحيح وقت صحيح جڳھه تي آھيون. ھاويئر ملئي جيڪو 10 ڊسمبر 2023ع کان ارجنٽينا جو صدر آھي بار بار چئي چڪو آھي ته مان لبرل جمھوريتن ۽ ڏکڻ جي ملڪن خاص طور آمريڪا ۽ اسرائيل کي ارجنٽينا جي اھم شراڪتدارن طور ڏسان ٿو. ھن واشنگٽن جي صدر سان آزاد واپاري معاھدي تي صحيح ڪرڻ جي خواھش جو اظھار ڪيو. واضح رھي ته ارجنٽينا جي صدر ھاويئر پنھنجو عھدو سنڀالڻ کانپوءِ آمريڪا جا ڏھه دورا ڪري چڪو آھي.