تهران -15 اپريل (اي پي پي) ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ايٽمي هٿيارن جو ٻيو دور عمان جي گادي واري هنڌ مسقط ۾ ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل باغائي ٻڌايو ته مشاورت کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته مسقط ڳالهين جي ٻئي دور جي به ميزباني جاري رکندو جيڪي ڇنڇر تي ٿيڻيون آهن. ياد رهي ته ڇنڇر تي مسقط ڳالهين جي پهرين دور ۾ ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي وچ اوڀر لاءِ آمريڪا جي خصوصي ايلچي اسٽيووٽ ڪوف سان اڻسڌي طرح ڳالهيون ڪيون، جنهن جي مدد عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسيدي ڪئي. انهن ڳالهين ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام ۽ آمريڪا جي پابندين جي امڪاني خاتمي تي ڌيان ڏنو ويو.