اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سک برادري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستان جو آئين اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي، برابر حق ۽ تحفظ فراهم ڪري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ويساکي جي تهوار جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سک برادري کي ويساکي جي خوشي جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ويساکي پاڪستان جي خوبصورتي، ان جي ثقافتي ۽ مذهبي تنوع جي علامت آهي. صدر چيو ته سک برادري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي، بين المذاهب هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ گڏيل پرامن بقاءَ جي اصولن تي قائم رهڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر آصف علي زرداري ويساکي جي تهوار جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته آئون سک برادري جي خوشين، ترقي ۽ سلامتي جي لاءِ دعاڳو آهيان.