اسلام آباد – 14 اپريل(اي پي پي)اٽلي ۾ پاڪستان جي سفير علي جاويد چيو آهي، ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اٽلي ۾ ترسيل پاڪستانين هڪ ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو مٽاسٽا وارو ناڻو پاڪستان موڪليو جيڪو ملڪ جي معيشت لاءِ هڪ وڏو سهڪار هو. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن اوورسيز پاڪستانيز جي پهرين سالياني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اٽلي ۾ پاڪستاني شاگردن جي تعليمي ترقي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. هن وقت تائين 2500 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگردن کي پي ايڇ ڊي جا ويزا جاري ڪيا ويا آهن. جيڪي تعليم جي شعبي ۾ هڪ نمايان ڪاميابي آهي. هن چيو ته اٽلي ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگرد نه رڳو اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن پر هو پاڪستان جي هاڪاري سڃاڻپ کي به اجاگر ڪري رهيا آهن. پاڪستاني سفارتخانو تعليمي ويزا جاري ڪرڻ ۽ شاگردن جي رهنمائي لاءِ ڀرپور سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي سفير چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ سفارتخاني طرفان ”کليل ڪچهرين“ جو باقاعده بندوبست ڪيو ويو آهي. انهن کليل ڪچهرين جو مقصد اٽلي ۾ رهندڙ پاڪستانين جون شڪايتون سڌي ريت ٻڌڻ ۽ فوري حل فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته سفارتخانو عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪميونٽي جي فلاح لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي. اٽلي ۾ مقرر پاڪستان جي سفير چيو ته اوورسيز پاڪستاني ملڪ جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اٽلي ۾ پاڪستاني برادري نه رڳو معاشي حوالي سان مضبوط آهي پر تعليم ۽ سماجي شعبن ۾ به سرگرم آهي. هن چيو ته صرف اٽلي ۾ رهندڙ پاڪستانين هن وقت تائين هڪ ارب ڊالرز کان وڌيڪ مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو آهي. سفير جو چوڻ هو ته برطانيه کان پوءِ يورپ ۾ سڀ کان وڏي پاڪستاني برادري اٽلي ۾ موجود آهي ۽ سفارتخاني جي ڪوششن سان اٽلي جي حڪومت پاڪستانين لاءِ ويزا جو تعداد ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪا هڪ اهم سفارتي ڪاميابي آهي. هن ٻٽي شهريت جي حوالي سان ناڪاري تاثر کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته هي پاڪستانين لاءِ هڪ سهولت آهي، نه ڪو مسئلو. آخر ۾ هن پاڪستاني ميڊيا تي زور ڀريو ته اها ملڪ جي هاڪاري سڃاڻپ دنيا جي آڏو اجاگر ڪري ته جيئن عالمي سطح تي پاڪستان جو اميج بهتر ٿئي.