اسلام آباد – 10 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستاني اسڪوائش پليئر نور زمان کي انڊر 23 ورلڊ اسڪوائش چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته نور زمان فائنل سميت پوري چيمپيئن شپ ۾ بهترين راند پيش ڪئي. صدر چيو ته نور زمان اسڪوائش جي راند ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر چيو ته مستقبل ۾ نور زمان جي وڌيڪ ڪاميابين جي لاءِ پراميد ۽ دعاڳو آهيان.