منسڪ – 10 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف منسڪ جي وڪٽري مونومنٽ جو دورو ڪيو. يادگار اچڻ تي بيلاروس جي هٿياربند فوج جي دستي کيس سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا ترانا وڄايا ويا. وزيراعظم وڪٽري مونومنٽ تي گلن جي چادر چاڙهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ هئا. وڪٽري مونومنٽ ٻي عالمي جنگ ۾ مارجي ويل فوجي اهلڪارن جي ياد ۾ تعمير ڪئي وئي آهي.