اسلام آباد – 10 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 92 نيوز چينل جي بيورو چيف طارق عزيز جي ننڍي ڀاءُ سليم نواز جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته طارق عزيز جي ننڍي ڀاءُ سليم نواز جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ طارق عزيز ۽ سندس گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.