لاهور-10 اپريل (اي پي پي) ويساکي ميلي ۽ 326 هين خالصه جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ 6 هزار کان وڌيڪ سک ياتري ڀارت کان واگها بارڊر ذريعي پاڪستان پهچي ويا. مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني، اقليتي معاملن بابت پنجاب جي وزير رميش سنگهه اروڙا، اويڪيوٽرسٽ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ٻين سک ياترين جو شاندار استقبال ڪيو. مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 6 هزار 751 سک ياتري پاڪستان پهچي چڪا آهن، وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي هدايت موجب سک ياترين جي بهترين مهمانوازي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سمورا مذهب هڪ ٻئي جي احترام جو درس ڏين ٿا، رمضان جي مقدس مهيني ۾ اقليتن افطار ڊنر جو بندوبست ڪيو، انهي مهيني هولي آئي ته پنهنجي ماڻهن کي چيو ته رمضان جو احترام ڪيو وڃي، هندوبرادري مسلمانن جي رمضان جو احترام ڪيو ۽ مغرب کانپوءِ هولي جو ڏڻ مندر ۾ ملهايو ويو، اهڙي طرح جو احترام ۽ هم آهنگي صرف پاڪستان ۾ ئي ملي ٿو. صوبائي وزير رميش سنگهه چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي ڪوششن سان ياترين جو وڏو انگ پاڪستان پهچي رهيو آهي، وزيراعليٰ جي قدمن سان ٽوئرازم ۾ 72 سيڪڙو نمايان واڌ ٿي آهي، هن معاهدي تحت 6751 ياترين کي ويزائون جاري ڪيون ويون، هلندڙ سال پاڪستان ايندڙ ڀارتي ياترين جو انگ معمول کان وڌيڪ آهي جنهن لاءِ طئي ٿيل شيڊيول کي تبديل ڪري ياترين جي جٿن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، پهريون گروپ گوردواره پنجا صاحب، حسن ابدال روانو ٿيندو، جڏهن ته ٻيو گروپ گوردواره درٻار صاحب ڪرتار پور روانو ڪيو ويندو، هن چيو ته ياتري 13 اپريل تي گوردواره سچا سودا فاروق آباد جي ياترا کانپوءِ واپس ننڪانه صاحب ۾ قيام ڪندا. 14 اپريل تي ويساکي ميلي ۾ مرڪزي تقريب گوردواره جنم اسٿان ننڪانه صاحب ۾ منعقد ٿيندي، 15 اپريل تي ننڪانه ايندڙ گروپ گوردواره درٻار صاحب ڪرتار پور روانو ٿيندو، ٻيو گروپ گوردواره پنجا صاحب جي ياترا لاءِ حسن ابدال روانو ٿيندو. هڪ ڏينهن جي قيام کانپوءِ 17 اپريل تي سک ياترين جا ٻئي گروپ گوردواره ڊيره صاحب لاهور پهچندا، ٻئي گروپ پنهنجي شيڊول موجب پنهنجو سفر جاري رکندا، گوردواره روهڙي صاحب ايمن آباد جي ياترا به ڪندا، اميد آهي ته ياتري واپسي تي پاڪستان مان خوبصورت يادن سان روانو ٿيندا. هن چيو ته ياترين لاءِ رهائش، ميڊيڪل ۽ ٽرانسپورٽ سميت ٻين انتظامن کي يقيني بڻايو ويو آهي. گوردواره جنم اسٿان ننڪانه صاحب، گوردواره پنجا صاحب ۽ ٻين کي خوبصورت نموني سجايو ويو آهي. اويڪيوٽرسٽ بورڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري شرائنز سيف الله کوکر چيو ته سک ياترين کي پاڪستان ۾ رهڻ، لنگر، ٽرانسپورٽ ميڊيڪل جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن. مذهبي معاملن واري وزارت ۽ اويڪيوٽرسٽ بورڊ جي درخواست تي شيڊول سان 3751 کان وڌيڪ ياترين کي خصوصي طور ويزائون جاري ڪيون ويون، ياتري دورو مڪمل ڪري 19 اپريل تي واگها بارڊر ذريعي واپس ڀارت روانا ٿيندا.