منسڪ – 10 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيلاروس جي گادي واري شهر منسڪ پهچي ويو. منسڪ جي عالمي هوائي اڏي تي بيلاروس جي وزيراعظم اليگزينڊر تورچن ۽ بيلاروس ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيسرن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ آهن.