لاھور – 10 اپريل (اي پي پي) پنجاب پوليس پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 10 لاءِ سيڪيورٽي انتظام مڪمل ڪري ورتا آھن. پنجاب پوليس جي ترجمان مطابق لاھور، راولپنڊي ۽ ملتان ۾ ميچن دوران مجموعي طور 21 ھزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اھلڪار سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندا، لاھور ۾ ميچن دوران 8 ھزار کان وڌيڪ آفيسر ۽ اھلڪار سيڪيورٽي ڊيوٽي انجام ڏيندا، راولپنڊي ۾ ميچن دوران 5 ھزار، ملتان ۾ 8 ھزار آفيسر ۽ اھلڪار سيڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر ھوندا. آءِ جي پنجاب جو چوڻ آھي ته پنجاب پوليس رانديگرن، آفيشلز، ڪرڪيٽ مداحن کي ڀرپور سيڪيورٽي فراھم ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي، پرامن ۽ محفوظ ماحول ۾ ميچون ٿيڻ کي يقيني بڻائينداسين. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، ضلعي انتظاميا، سيڪيورٽي ايجنسز سميت سمورن ادارن ۾ ڪوارڊينشن مڪمل آھي، رانديگرن جي رھائش گاھه، روٽس، اسٽيڊيمز جي چئني پاسي سرچ، سوئيپ، ڪومبنگ ۽ انٽيليجنس بيسڊ آپريشز ڪيا وڃن. ڊاڪٽر عثمان انور چيو ته ڊولفن اسڪواڊ، پوليس ريسپانس يونٽ، ايليٽ فورس ٽيمون ميچن دوران اثرائتي پٽرولنگ يقيني بڻائينديون، اسٽيڊيم سميت آس پاس جي بلند عمارتن تي پوليس سنائيپرز مقرر ڪيا وڃن، اسٽيڊيم جي اچ وڃ جي رستن، انٽري گيٽس تي مقرر عملو شھرين سان خوش اخلاقي سان پيش اچي. آءِ جي پنجاب چيو ته شھرين جي آگاھي، ٽريفڪ جي روانگي برقرار رکڻ لاءِ لاڳاپيل ضلعا ميچن کان اڳ ٽريفڪ ايڊوائزري جاري ڪن، ڪرڪيٽ جا مداح محفوظ ماحول ۾ ميچ مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ پنجاب پوليس جي ھدايت تي عمل ڪن.