راولپنڊي – 10 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ڪرڪيٽ جا مداح ٽورنامينٽ ۾ ميچ جي ادرو ڪامينٽري مان لطف اندوز ٿيندا. پي ايس ايل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان نصير جو چوڻ آھي ته پي ايس ايل ۽ ان جي مداحن لاءِ ھڪ تاريخي لمحو آھي. پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ ھڪ مشهور راند آهي جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آھي ۽ راندين لاءِ اردو ۾ ڪمنٽري پيش ڪري اسان پي ايس ايل جي جوش ۽ توانائي کي ملڪ جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ ڪرڪيٽ مداحن جي دلين کي ويجھو آڻي رھيا آھيون. ھن چيو ته اردو ڪمنٽري جو سڀني کي بي صبري سان انتظار آھي ۽ اسان ان کي فراھم ڪرڻ لاءِ پر جوش آھيون . پي سي بي جو چوڻ آھي ته ٽورنامينٽ ۾ ڪرڪيٽ مداح اردو ۾ سڌيءَ ريت نشريات ڏسي سگھندا ۽ پاڪستان جي قومي ٻولي ۾ ليگ ميچن ۾ ڪاماينٽري مان لطف اندوز ٿي سگھندا. واضح رھي ته پي ايس ايل جو ڏھون ايڊيشن (اڄ) جمعي کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندو.