راولپنڊي-10 اپريل (اي پي پي) پاڪستان جو ناميارو امپائر عليم ڊار آخري ڀيرو پي ايس ايل ۾ امپائرنگ جا فرض سرانجام ڏيندو. پاڪستان سپر ليگ جي 10 هين ايڊيشن ۾ 13 امپائرز ۽ 7 ميچ ريفرري ذميواريون نڀائيندا. پي سي بي موجب آءِ سي سي جي ايليٽ پينل ۾ شامل پاڪستان جو احسن رضا، آسٽريليا جو پال ريفل ۽ سريلنڪا جو ڪمار ڌرما سينا امپائرز پينل ۾ شامل آهن، انهن کانسواءِ انگلينڊ جو ايڪس وارف ۽ نيوزيلينڊ جو ڪرس بران به امپائرز پينل ۾ شامل هوندا. پاڪستان مان عليم ڊار، آصف يعقوب، فيصل خان آفريدي، راشد رياض ۽ وقار پڻ ذميواريون ادا ڪندا. اهي سمورا پي سي بي جي انٽرنيشنل امپائرز جو حصو آهن. پي سي بي ايليٽ پينل آف امپائرز ۾ عبدالمقيت، ناصر حسين، طارق رشيد ۽ ذوالفقار جان پڻ پي ايس ايل جي ان انڊيشن ۾ امپائرنگ ڪندا. اهو عليم ڊار جو پي ايس ايل ۾ آخري ايڊيشن هوندو. ميچ ريفريز ۾ آءِ سي سي ايليٽ پينل آف ميچ ريفري ريجن مدوگالي پنهنجي ساٿي سريلنڪن روشن مهاناما سان ميچن جي نگراني ڪندو، ميچ جي ٻين ريفرين ۾ علي نقوي ۽ محمد جاويد ملڪ شامل آهن. ٽورنامينٽ ۾ افتخار احمد، اقبال شيخ ۽ نديم ارشد پڻ آفيشلز هوندا.