راولپنڊي – 10 اپريل (اي پي پي) پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پي ايس ايل جو ڏھون ايڊيشن سرڪاري ٽيلي ويزن پي ٽي وي اسپورٽس تي نشر ڪيو ويندو ۽ ڪرڪيٽ مداح ميگا ايونٽ جا سنسني خيز مقابلا سڌي ريت ڏسي سگھندا. پي سي بي مطابق پاڪستان سپر ليگ سڄي دنيا ۾ مختلف چينلن تي ڏسي سگھبا. سڄي پاڪستان ۾ پي ٽي وي اسپورٽس ۽ اي اسپورٽس تي اھي ميچون لائيو ڏيکاريون وينديون جڏھن ته لائيو اسٽريمنگ لاءِ ولي ٽيڪنالاجيز ملڪ ۾ حق حاصل ڪيا آھن. ڪرڪيٽ مداح اھي ميچون ٽيپميڊ، تماشه، دراز، مائيڪو ۽ بيگن تي به ڏسي سگھندا. ٽرانس گروپ براڊ ڪاسٽ ۽ پاڪستان کان ٻاھر سمورن علائقن لاءِ لائيو اسٽريمنگ جا حق حاصل ڪيا آھن. عالمي ڪرڪيٽ جي مداحن لاءِ اسڪائي اسپورٽس ۽ جيو برطانيا ۾ ميچون نشر ڪندا. ويلو ٽي وي اتر آمريڪا جي ناظرين کي پي ايس ايل ڏکاريندو ۽ سپر اسپورٽس آفريقا جي رھواسي ڪرڪيٽ جي مداحن لاءِ ميچ نشر ڪندو. وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي ناظرين لاءِ مائيڪوان ميچن کي نشر ڪندو جڏھن ته پاڙيسري ملڪن بنگلاديش ۾ ٽي اسپورٽس ۽ ڀارت ۾ (رڳو ڊجيٽل لاءِ فين ڪوڊ) ۾ نشر ڪيو ويندو. سوني ٽي وي افغانستان، ڀارت ۽ سريلنڪا جڏھن ته اسپورٽس سينٽر باقي دنيا ۾ اھي ميچون نشر ڪندو.