اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي تيز رفتار ترقي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان جو امتحان اهو ئي آهي ته اڏام پاڪستان تحت هدف حاصل ڪيا وڃن، پلاننگ ڪميشن ۾ ڀرتين جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي اسان وٽ هڪ مضبوط ۽ پروفيشنل ٽيم موجود آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ رٿابندي واري وزارت ۾ ڪم ڪندڙ ميمبرن، ڪنسلٽنٽس ۽ ينگ ڊولپمينٽ فيلوز جي تعارفي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن نون شامل ٿيل سمورن ميمبرن کي ڀليڪار ڪيو. احسن اقبال چيو ته پلاننگ ڪميشن ملڪ جي هڪ اهم ٿنڪ ٽينڪ طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي جنهن هميشه حڪومت کي هڪ بهتر مستقبل جو ويزن ۽ روڊ ميپ فراهم ڪيو آهي. پلاننگ ڪميشن ۾ ڀرتين جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي اسان وٽ هڪ مضبوط ۽ پروفيشنل ٽيم موجود آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي ٽئلينٽڊ نوجوانن پلاننگ ڪميشن جو حصو بڻجي قومي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. پاڪستان جي ڪنهن وزارت وٽ ايتري وڏي هيوي ريسورس موجود ناهي، ان ٽئلينٽ کي پروڊيڪٽو ڪمن ۾ لڳائڻو پوندو، هاڻي نئين سوچ، نوان آئيڊياز ۽ نئين ويزن سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي خبر آهي ته جڳهه جي کوٽ آهي، ان مسئلي جي حل تي وزارت ڪم ڪري رهي آهي، سمورا شامل ٿيل پروفيشنلز پنهنجي پنهنجي شعبي جا بهترين ماهر آهن، هر فرد سفارش کان مٿانهون ٿي ڪري پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي چونڊيو ويو آهي، سياسي نظرين کان هٽي ڪري سموريون ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هي اوهان سڀني لاءِ موقعو آهي ته پنهنجي صلاحيتن سان ملڪ جي ترقي ۾ عملي ڪردار ادا ڪريو، پاڪستان جي تيز رفتار ترقي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اڏام پاڪستان ۾ ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ مڪمل روڊ ميپ موجود آهي، هر شعبي موجب پاليسي ۽ لائحه عمل تيار آهي، هاڻي صرف عملدرآمد جي ضرورت آهي، اسان کي به جوابده ٿيڻو پوندو ته ڀرتي ڪيل پروفيشنلز ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري. هن چيو ته اسان جو امتحان اهو ئي آهي ته اڏام پاڪستان تحت هدف حاصل ڪيا وڃن، نئين ٽيم بهترين آهي، هاڻي پنهنجي صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اوهان وٽ تجويزون هجن ته شيئر ڪريو. بهترين ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. ان موقعي تي سيڪريٽري اويس منظور سمرا چيو ته اسان کي جڳهه جي کوٽ درپيش آهي، ان جو حل ڪڍيو پيو وڃي، اسان پوري ڪوشش ڪنداسين ته اوهان کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي.