اسلام آباد – 10 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس 10 اپريل کان جمهوريه بيلاروس جو 2 ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو، دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي دعوت تي 10 کان 11 اپريل 2025ع تائين 2 ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. اهو دورو نومبر 2024ع ۾ صدر لوڪاشينڪو جي پاڪستان جي اهم دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. پنهنجي قيام دوران وزيراعظم گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ صدر لوڪاشينڪو سان ملاقات ڪندو. ان حوالي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گذريل ڇهن مهينن دوران اعليٰ سطحي ٻطرفي مٽاسٽا جو هڪ سلسلو جاري آهي جنهن ۾ فيبروري 2025ع ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جو اٺون اجلاس ۽ اپريل 2025ع ۾ پاڪستان مان هڪ اعليٰ سطحي اختياراتي وزارتي وفد جو بيلاروس جو دورو شامل آهي. ان دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا پڻ ٿيندي. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ مضبوط ۽ جاري حصيداري کي اجاگر ڪري ٿو.