اسلام آباد – 10 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيلاروس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي دعوت تي 10 کان 11 اپريل 2025ع تائين بيلاروس جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي.