اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف منرلز انويسٽمينٽ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ آمريڪي وفد جي آجيان ڪندي چيو آهي ته آمريڪي سيڙپڪارن کي پاڪسدتان ۾ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ جي بيورو آف سائوٿ اينڊ سينٽرل ايشين افيئرز جي سينيئر بيورو آفيشل ۽ وقتي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايرڪ ميئر جي قيادت ۾ آمريڪي وفد ملاقات ڪئي. وفد پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. وزيراعظم فورم ۾ آمريڪي شرڪت جي آجيان ڪندي زور ڏنو ته پاڪستان جي معدنيات جي شعبي ۾ وسيع صلاحيت موجود آهي ۽ آمريڪي ڪمپنين کي ان ترجيحي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ٻطرفي تناظر ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي حوالي سان پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم آمريڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري سان گڏوگڏ دهشتگردي جي خاتمي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وقتي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايرڪ ميئر پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان جي معدنيات جي شعبي جي وسيع صلاحيت جو اعتراف ڪندي آمريڪي ڪمپنين پاران ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي کان آگاهه ڪيو. هن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي آمريڪي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند اهي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا.