هوانا -09 اپريل (اي پي پي) جمهوريه ڊومينڪن (ڊمينڪن ريپبلڪ) جي گادي واري هنڌ جي مشهور نائيٽ ڪلب جي ڇت ڪرڻ سبب ملبي هيٺان دٻجي هڪ صوبي جي گورنر سميت 98 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 160 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب اڱاري جي صبح جو سينٽو ڊومنگو جي نائيٽ ڪلب ۾ هڪ ڪنسرٽ هلي رهيو هو جنهن ۾ سياستدان، رانديگر ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل ماڻهو وڏي تعداد ۾ شريڪ هئا. ڪنسرٽ دوران اوچتو ڪلب جي ڇت ڪري پئي ۽ ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺان دٻجي ويا. سينٽر آف ايمرجنسي آپريشنز جي ڊائريڪٽر جوآن مينوئل مينڊيز ٻڌايو ته ريسڪيو عملي هڪ منزل جيٽ سيٽ نائيٽ ڪلب جي ملبي ۾ امڪاني طور تي زنده بچي ويلن کي ڪڍڻ لاءِ ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. جمهوريه جي صدر لوئس ابينادر اڱاري تي صبح جو تصديق ڪئي ته مونٽي ڪرسٽي صوبي جو گورنر نيلسي ڪروز به فوت ٿي ويلن ۾ شامل آهي. هن ايڪس تي لکيو آهي ته اسان ان افسوسناڪ واقعي تي شديد ڏک جو اظهار ڪيون ٿا. اختياريون متاثرن کي ڪڍڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيون آهن. اسان جون دعائون متاثر خاندانن سان گڏ آهن.مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪلب ۾ جنهن وقت حادثو پيش آيو ڪلب ۾ 500 کان 1000 جي لڳ ڀڳ ماڻهو موجود هئا. ڪلب ۾ 700 ماڻهن جي ويهڻ ۽ 1000 ماڻهن جي بيهڻ جي گنجائش آهي. فوري طور تي اهو ڇت ڪرڻ جا سبب معلوم ناهن ٿي سگهيا.