ڪراچي – 08 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو سينيئر اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر اڱاري ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو، سندس عمر 83 سال هئي. تاج حيدر جي فيملي سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هو ڪجهه عرصي کان بيمار هو. نجي ٽي وي چينلز جي رپورٽ موجب مرحوم جي جنازي نماز جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلزپارٽي عورتن واري شعبي جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر سينيٽر تاج حيدر جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندي پارٽي ۽ جمهوريت جي لاءِ لازوال جدوجهد تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سينيٽر تاج حيدر پارٽي جو سينيئر اڳواڻ هو، سندس لاڏاڻو پارٽي جو نقصان آهي. هن تاج حيدر جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪندي سندس گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايم پي اي فريال ٽالپر تاج حيدر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي چيو ته سندس کوٽ سدائين محسوس ڪئي ويندي. پيپلزپارٽي سنڌ جي سيڪريٽري جنرل سينيٽر وقار مهدي ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن پڻ تاج حيدر جي لاڏاڻي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.