اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير ميڪائل جباروف جي سربراهي ۾ آذربائيجان جي وفد سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي طرفن کان سيڙپڪاري جي اهم منصوبن ۽ غور هيٺ مفاهمتي يادداشتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن آذربائيجان جي صدر جي پاڪستان جي دوري کان اڳ قدمن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.