ڪوئيٽا – 07 اپريل (اي پي پي)پاڪستان سپرليگ (پي ايس ايل ) ڪرڪيٽ جي ڏھين ايڊيشن جي ٽرافي جي ڪوئيٽه ۾ مهورت ڪئي وئي عوام شاندار آجيان ڪئي. ڪوئيٽا انٽرنيشنل ائيرپورٽ کان شھر تائين پي ايس ايل ٽرافي تي بلوچستان صوبي جي ڪرڪيٽ جي مداحن گل نڇاور ڪيا ۽ ٽرافي سان گڏ سيلفيون به ڪڍرايون. بلوچستان سان تعلق رکندڙ انٽرنيشنل ڪرڪيٽر حسيب الله خان ۽ اي سي ڪوئيٽا حمزه انجم ۽ بلوچستان راندين واري کاتي بلوچستان اسيمبلي جي عمارت آڏو پي ايس ايل ڪرڪيٽ ٽرافي جي مهورت ڪئي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته بلوچستان جي ماڻھن جھڙي پرجوش انداز ۾ پي ايس ايل ٽرافي جي آجيان ڪئي اھو سٺو سئنوڻ آھي ۽ صوبي جي عوام جو راندين سان چاهه بھترين عڪاسي ڪري ٿو ۽ بلوچستان جي حڪومت جي خصوصي ڪاوشن سان پي ايس ايل ٽرافي جو ڪوئيٽا ۾ پھريون ڀيرو عوام لاءِ مهورت جو خصوصي انتظام ڪيو ويو آھي.