اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ هوابازي جي شعبي سان لاڳاپيل معاملن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٽارگيٽيڊ پاليسين ۽ قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن جو مقصد ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ هوابازي جي شعبي کي ترقي ڏيڻ آهي.