اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪري صدر آصف علي زرداري جي خيريت معلوم ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن صدر جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.