لاهور – 01 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سنڌ جي عوام جي ڀلائي حڪومتي ترجيحن جو حصو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم سنڌ جي گورنر کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سنڌ جي گورنر پڻ وزيراعظم کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي گورنر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سنڌ صوبي جي ترقي سان ئي پاڪستان جي ترقي واڳيل آهي، سنڌ جي عوام جي ڀلائي حڪومتي ترجيحن جو حصو آهي. ڳالهه ٻولهه دوران ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.