نوابشاهه- 31 مارچ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري عيدالفطر جي نماز زرداري هائوس نوابشاهه ۾ ادا ڪئي ۽ ملڪي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعائون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پڌرائي مطابق زرداري هائوس نوابشاهه ۾ ماڻهن جي وڏي انگ صدر مملڪت آصف علي زرداري سان عيد نماز ادا ڪئي. عيد نماز ۾ سياسي، سماجي ۽ پ پ پ جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي. عيد نماز جي ادائيگي کانپوءِ صدر مملڪت ماڻهن سان عيد مليو ۽ عيد جي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، صوبائي وزير علي حسن زرداري، ضياءُ الحسن لنجار ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.