اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪاٽلانگ آپريشن ۾ 17 خوارجي مارجي ويا، ڪنهن عام شهري کي نقصان نه پهتو، ڊرون حملو ناهي ٿيو، سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته آپريشن واري هنڌ کان آبادي 6 کان 9 ڪلوميٽر پري هئي، اتي ڪو سويلين گهر موجود نه هو. هن چيو ته مقامي جرڳي ۾ ڪجهه ماڻهن خوارجين کي سهولت فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو هو جنهن جا وڊيوز به موجود آهن. هن چيو ته خوارجين عيد تي مردان ۾ حملي جو اعلان ڪيو هو جيڪو ان آپريشن سبب ناڪام بڻيو. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ هزارين حملا ڪندڙن جي پي ٽي آءِ حڪومت ڪڏهن مذمت ناهي ڪئي پر جڏهن خوارجين پاڻ تي ڊرون حملي جي غلط خبر ڦهلائي ته پي ٽي آءِ پاڪ فوج جي خلاف بيانيو اختيار ڪيو ۽ ان جي آٿت لاءِ پهچي وئي. هن چيو ته ڪوڙيون خبرون ڦهلائيندڙ خوارجين جا سهولتڪار آهن.