اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته زيرو ويسٽ جي ان عالمي ڏينهن تي پاڪستان دنيا جي صاف سٿري، صحتمند ۽ پائيدار مستقبل لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، اچو اسان سڀ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ صحتمند ۽ صاف سٿري دنيا کي يقيني بڻائيندي زيرو ويسٽ کي حقيقت بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪريون، گند ڪچري جيو گدلاڻ هڪ سنگين بحران آهي جيڪو اسانجي ماحول، صحت ۽ معيشت لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري زيرو ويسٽ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اهو ضروري آهي ته اسان مصنوعات وصول ڪرڻ، انهن جي تياري، ضايع ڪرڻ جي معيشت کان هڪ قدم اڳتي وڌون ۽ هڪ سرڪلر ماڊل کي اختيار ڪريون جيڪو گند ڪچري ۾ گهٽتائي ۽ وسيل کي اثرائتي طور تي استعمال ڪرڻ تي ڌيان ڏئي ٿو. پلاسٽڪ ۽ خطرناڪ گند ڪچرو اسانجي دريائن، لينڊ فلز ۽ هوا کي متاثر ڪري رهيو آهي ۽ ماحولياتي تبديلي ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهيو آهي. شهرن جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ۽ صنعتي ترقي سان پاڪستان کي ڪچري جي انتظام لاءِ پائيدار حل اختيار ڪرڻو پوندو جيڪو اسانجي ماحول جي حفاظت ڪرڻ سان گڏو گڏ معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ اضافو ڪندو. هلندڙ سال جو ٿيم ”فيشن ۽ ٽيڪسٽائل ۾ زيرو ويسٽ“ هڪ اهڙي صنعت ۾ پائيداري جي فوري ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو جيڪو وڏي پيماني تي گند ڪچرو پيدا ڪري ٿي. هڪ وڏي ٽيڪسٽائل پروڊيوسر طور پاڪستان ماحولياتي اثرن کي گهٽائڻ جي لاءِ مصنوعات جي ماحول دوست تياري، ٽيڪسٽائل جي ري سائيڪلنگ ۽ صارفين ۾ اخلاقي رجحانن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. حڪومت گند ڪچري جي گدلاڻ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فيصلائتا قدم کنيا آهن. اسان جي سرڪيولر اڪانومي پاليسي جيڪا پنهنجي جوڙجڪ جي قطعي مرحلي ۾ آهي، گند ڪچري کي ضايع ڪرڻ واري عمل ۾ انقلاب برپا ڪندي. ليونگ انڊس انيشيئيٽو گدلاڻ کي گهٽ ڪري سنڌو دريا جي فطري نظام جي بحالي کي يقيني بنائي رهيو آهي. ڪلين گرين پاڪستان موومينٽ بنيادي سطح تي معاشري کي ڪچرو ضايع ڪرڻ جي بهتر انتظام جي لاءِ ڪميونٽيز کي با اختيار بنائي ٿو. اسان جو پلاسٽڪ ويسٽ مينيجمينٽ ايڪشن پلان رڳو هڪ ڀيرو استعمال جوڳي پلاسٽڪ کي ختم ڪري رهيو آهي. بائيو ڊي گريڊيسل متبادل جي حوصله افزائي ڪري رهيو آهي ۽ ري سائيڪلنگ جي ڪوششن کي هٿي ڏئي رهيو آهي. اسان پروڊيوسر جي توسيعي ذميداري جي به وڪالت ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهو يقيني بنائي سگهجي ته مينيوفيڪچررز پنهنجي مصنوعات جي پوري لائيف سائيڪل لاءِ جوابده هجن ۽ ويسٽ مينيجمينٽ کي پيداوار ۽ پيڪيجنگ ۾ ضم ڪن جڏهن ته زيرو ويسٽ واري معاشري لاءِ اجتماعي سطح تي عملي قدمن جي ضرورت آهي. شهرين کي گهرجي ته اهي گهرن ۾ پيدا ٿيندڙ گند ڪچري کي گهٽائين، ري سائيڪلنگ ڪن ۽ ڪاروبارن کي پائيدار پيداوار ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجي ۽ گند ڪچري ۾ گهٽتائي اچڻ گهرجي. ضلعي حڪومتن کي گند ڪچرو گڏ ڪرڻ ۽ ري سائيڪلنگ جي سهولتن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي، نجي شعبي کي گند ڪچري مان توانائي ۽ سبز ڪاروباري حل ۾ جدت آڻڻ گهرجي. اها مڃيل حقيقت آهي ته ننڍي ۾ ننڍو قدم ڪنهن مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. اچو ته اسان گڏجي ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ صحت مند ۽ صاف سٿري ڌرتي کي يقيني بنائيندي زيرو ويسٽ کي حقيقت بنائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيون.