لاهور -29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي خوشين ڀرئي موقعي تي دلي مبارڪون پيش ڪيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ طرفان جاري پڌرائي موجب ڳالهين دوران وزراعظم پاڪستان ۽ قطر جي امير وچ ۾ ويجهن ۽ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن سميت سمورن شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو عزم ورجايو ويو. وزيراعظم ۽ قطر جي امير وچ ۾ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي به ڳالهيون ٿيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ امن جي قيام لاءِ قطر جي امير جي سرگرم ۽ اثرائتي ڪردار ۽ خاص ڪوششن جي ساراهه به ڪئي. شيخ تميم بن حمد الثاني وزيراعظم طرفان عيد جون مبارڪون قبول ڪندي پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار به ڪيو. قطر جي امير وزيراعظم جي قطر جي دوري دوران منظر آرٽ گئلري جي افتتاحي تقريب ۾ مهمان خصوصي طور شرڪت تي شڪريو ادا ڪيو جڏهن ته وزيراعظم اها نمائش منعقد ڪرڻ ۽ خصوصي دعوت تي قطر جي امير ۽ شيخ المياسه جو شڪريو ادا ڪيو. قطر جي امير وزيراعظم کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ قطري سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي جي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قطر جو اعليٰ سطحي وفد عيد کان هڪدم پوءِ پاڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم پاڪستان-قطر ثقافتي سهڪار ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن لاڳاپن جي تاريخ تي لاهور ۾ هڪ نمائش منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن جي قطر جي امير آجيان ڪئي. وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني.