اسلام آباد -29 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٿائيلينڊ ۽ ميانمار ۾ زلزلي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر زلزلي ۾ فوت ٿي ويلن ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ منهنجيون همدرديون ٿائيلينڊ ۽ ميانمار جي عوام ۽ زلزلي متاثرن سان گڏ آهن. صدر مملڪت چيو ته ڏک جي انهي گهڙي ۾ زلزلي متاثرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان.