اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوان اسان جي لاءِ هڪ چئلينج سان گڏوگڏ هڪ عظيم موقعو به آهن، نوجوانن کي آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ پيشيواراڻي تربيت ڏني وڃي ته هي ملڪ جو عظيم سرمايو بڻجندا، نوجوانن کي تربيت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي فراهمي تي سيڙپڪاري ڪريون ته پاڪستان ڪجهه سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ملڪ بڻجي ويندو، مقروض زندگي کي وقار جي زندگي ۾ بدلائڻو آهي. منهنجي دعا آهي ته آءِ ايم ايف جو موجوده پروگرام ملڪي تاريخ جو آخري پروگرام هجي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پرائيم منسٽر ڊيجيٽل يوٿ هب جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير امير مقام، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ جو ڏينهن هڪ منفرد خوشي جو ڏينهن آهي. جنهن زماني ۾ مصنوعي ذهانت جي ڪنهن کي ڄاڻ نه هئي ان زماني ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان تعليم، صحت ۽ نوجوانن جي لاءِ ترجيحي قدم کنيا، پنجاب ۾ 2011ع کان 2018ع تائين ميرٽ جي بنياد تي 4 لک ليپ ٽاپ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مفت ورهايا ويا. نوجوانن کي آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ پيشيواراڻي تربيت ڏني وڃي ته اهي ملڪ جو عظيم سرمايو بڻجندا. اڄ جي دنيا جديد ترين ٽيڪنالاجي جي استعمال جي گهرجائو آهي. پاڪستان جا نوجوان اسان جي لاءِ هڪ چئلينج سان گڏوگڏ هڪ عظيم موقعو به آهن. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي قدرتي نعمتن سان مالامال رکيو آهي. جيڪڏهن مختلف ملڪن کي قدرتي وسيلن جي نعمت ميسر آهي ته ڪروڙين نوجوان پاڪستان جو سرمايو آهن. جيڪڏهن آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان سميت پوري ملڪ جي ڪروڙين نوجوانن کي تربيت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي فراهمي تي سيڙپڪاري ڪريون ته پاڪستان ڪجهه سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ملڪ بڻجي ويندو. ان جي لاءِ اسان کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. راڻا مشهود احمد کي پروڊڪٽو ايمپلائمنٽ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته جيئن نوجوانن کي زرعي ۽ صنعتي شعبن، آءِ ٽي هائوسز، يونيورسٽين ۽ ٽيڪنيڪل سينٽرز ۾ بهترين تربيت ڏيارڻ کانپوءِ ملازمت ڏياريون. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجا خرچ گهٽ ڪري ڇڏينداسين پر پاڪستان جي نوجوانن کي بترين تربيت جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. اسان جي ٽريننگ سينٽرز ۾ بهترين ٽرينرز اچڻ گهرجن. نوجوان اسان جو اثاثو آهن، انهن کي بهترين هنر ڏينداسين. هنرمند نوجوانن جي ذريعي ملڪ جو مستقبل شاندار بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته ان پورٽل جي ذريعي صوبن سان گڏجي وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم چيو ته 77 سالن ۾ اسان جا قرض تمام گهڻا وڌي ويا آهن. منهنجي دعا آهي ته آءِ ايم ايف جو موجوده پروگرام ملڪي تاريخ جو آخري پروگرام هجي ڇو ته آءِ ايم ايف جي پروگرامن سان قومون ترقي ناهن ڪنديون پر معاشي انگن اکرن کي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو استحڪام پاڪستان ۾ اچي ويو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف جي بورڊ آف گورنرز جي مئي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ هڪ ارب ڊالر جي اڳئين قسط جي منظوري ٿي ويندي. نوجوانن کي ان قرض واري زندگي کي وقار جي زندگي ۾ بدلائڻو آهي. آبادگارن، صنعتڪارن ۽ نوجوانن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻو پوندو. آئون آخري دم تائين توهان جي حقن جي جنگ وڙهندو رهندس ۽ آخري حد تائين قوم کي قرضن کان ڇوٽڪارو ڏياريندس. خادم بڻجي پاڪستان جي خدمت ڪندو رهندس. اسان کي قرضن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجي پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. اربين کربين رپين جا ڪيسز عدالتن ۽ ٽربيونلز ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. رڳو سنڌ هاءِ ڪورٽ مان هڪ منع نامو خارج ٿيڻ سان 23 ارب رپيا قومي خزاني ۾ جمع ٿيا، اهڙي طرح لاهور هاءِ ڪورٽ پڻ 11 ارب رپين جي ڪيس جو منع نامو خارج ڪيو. انشاءَالله ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو ته معاشرو تڏهن ئي اڳتي وڌي ٿو جڏهن ميرٽ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. پاڪستان ۾ هي پنهنجي نوعيت جو پهريون پورٽل هوندو. وزيراعظم معيشت کي صحيح رخ ۾ وڌو. قوم جي نئين سر جوڙجڪ جي شروعات ڪئي پئي وڃي. ڊيجيٽل هب سان نوجوان اسڪالرشپ، راندين، آءِ ٽي، سياحت، گرين اڪانومي سميت ٻين شعبن ۾ فائدو کڻي سگهندا.